پاڪستانسنڌ

هالا ۾ تيزرفتار ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت

هالا: هالا ۾ قومي شاھراهه تي تيزرفتار ٽرالر جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار مرزو پٽ خير محمد کوسو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، موقعي تي موجود ماڻھو لاش تعلقه اسپتال ھالا کڻي آيا، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، رابطي ڪرڻ تي ھالا پوليس ٻڌايو ته ٽرالر ڊرائيور موقعي تي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي رپورٽ داخل ڪري ڇڏي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button