پاڪستانسنڌ

نندو واسي 2 نوجوان سامونڊي جهاز ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت

نندوشھر: نندو شهر جا ٻه نوجوان پورھيت پورٽ قاسم تي سامونڊي جهاز جي هيچ ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت،ٻنهي فوتين جي وارثن کي اطلاع ڏنو ويو، خبر موجب نندو شهر لڳ ڳوٺ حاجي عبدالڪريم ڀرڳڙي واسي ٻه نوجوان 25 ورهين جو محمد اسلم سمون ۽ 30 ورهين جو حبيب الله سمون ڪراچي جي علائقي پورٽ قاسم ۾ مزدوري ڪرڻ دوران سامونڊي جهاز جي هيچ ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا، اهڙو اطلاع تي ساٿي مزدورن ڪم دوران سندن لاش ڏسي پورٽ قاسم انتظاميه کي ڏنو، جن پهچي لاش سول اسپتال ڪراچي کڻي ويا، جتي ڊاڪٽرن جي تصديق بعد انتظاميه اهڙو اطلاع فوتي مزدورن جي وارثن کي فون ذريعي ڏنو.

هوڏانهن فوتي نوجوانن جي خبر ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، سندن عزيزن لاش وصول ڪرڻ لاءِ ڪراچي پهچي پوسٽ مارٽم بعد لاش اباڻي ڳوٺ کڻائي آيا، جتي سوين آلين اکين سان دفنايو ويو، ٻنهي نوجوانن جا لاش هڪ ئي وقت کڄڻ سان علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو. هوڏانهن فوتي نوجوانن جي وارثن احمد سمون، ايوب سمون “سنڌ ايڪسپريس” سان رابطي تي ٻڌايو ته نوجوان ڪجھه مهينن کان پورٽ قاسم ۾ مزدوري ڪندا هئا، اطلاع ملڻ تي اسان ڪراچي پهچي، ڪياماڙي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائڻ بعد لاش وصول ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button