اسلام آبادپاڪستان

بلاول ڀٽو سان چيني ناظم الامور پانگ چن شوئي جي ملاقات

اسلام آباد : پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان اسلام آباد ۾ مقرر چيني ناظم الامور پانگ چن شوئي ڪالهه ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب چيني ناظم الامور پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ چين جي ناظم الامور پانگ چن شوئي جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪ چين دوستي دنيا ۾ پائيدار ۽ مسلسل لاڳاپن جو هڪ لازوال مثال آهي. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جو منصوبو خطي ۾ واپاري عمل کي فروغ ڏيندو، پاڪستان دنيا جي سمورن ملڪن سان واپاري لاڳاپن ۾ اضافي جو خواهشمند آهي. ٻئي طرف پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ مقرر برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچين ٽرنر به ملاقات ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button