ميرپورخاص: ٽنڊو جان محمد ٿاڻي جي حد ۾ 7 سال اڳ پاڻي جي معاملي تي جھيڙي دوران احسان علي جروار قتل ٿي ويو هو، جنھن بعد مقتول جي ڀا جي فرياد تي سڪندر علي جروار تي قتل ڪيس داخل ڪيو ويو، 3 سال اڳ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي عدالت جوابدار سڪندر علي جروار کي ڏوهھ ثابت ٿيڻ تي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ھئي، جنھن بعد جوابدار ھائي ڪورٽ ۾ سزا خلاف اپيل ڪئي، ھائي ڪورٽ جي حڪم تي ٻيھر ساڳئي ڪورٽ ۾ ڪيس ھليو، جتي جوابدار جي عمر قيد جي سزا کي ڦاھي جي سزا ۾ تبديل ڪري ھڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، جيڪا مقتول جي وارثن کي ادا ڪئي وئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close