
اسلام آباد: ماحولياتي تبديلي جي وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان سنڌ ۾ پاڻي بحران تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي 60 سيڪڙو کوٽ انتهائي خطرناڪ آهي. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سنڌ جي بئراجن ۽ واهن ۾ پاڻي جو 52 کان 62 سيڪڙو کوٽ سبب آبادي، زراعت ۽ مال کي سخت نقصان پهتو آهي. هن چيو ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن کي پاڻي نه ملي رهيو آهي. هن چيو ته هن وقت ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 15000 ڪيوسڪ پاڻي هجڻ گهرجي ها. جڏهن ته 2000 ڪيوسڪ کان به گهٽ ڇڏيو ويو آهي، جنهن سبب سنڌ ۾ ڪپهه، چانور ۽ ٻيا فصل تباهه ٿي رهيا آهن. هن چيو ته 2025 تائين پاڪستان خشڪ سالي جو شڪار ٿي ويندو، پاڻي جي 1991 جي معاهدي مطابق منصفاڻي ورڇ ضروري آهي.