پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ جي جوڙي ميرپورخاص ۾ پرڻو ڪري ڇڏيو، تحفظ جي گهر

ميرپورخاص: عمرڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ طوبا شاخ جي رهواسي عورت سنيلا خاصخيلي پنھنجي مڙس جان محمد خاصخيلي سان گڏ ميرپورخاص جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪرڻ بعد پريس ڪلب پھتي، جتي عورت چيو ته جان محمد سان شادي ڪرائڻ لاءِ مائٽ راضي نه ھئا، جنھن ڪري اسان ٻنهي گھران نڪري ميرپورخاص جي عدالت ۾ شادي ڪئي، جنهن تي مائٽ آصف، نصير، محبوب، روشن، مشتاق، محمد ابراهيم خاصخيلي ۽ ٻيا دشمن بڻجي ويا آهن، راڄوڻي فيصلي ذريعي اسان ٻنھي کي ڪارنھن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جي فتوى ڏني وئي آهي، جنهن سبب دربدر آهيون. جوڙي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button