پاڪستانسنڌ

سنجهورو ويجهو ڇوڪري جو گولي لڳل لاش مليو

سنجهورو: سنجهوري ويجهو ديھه 19 جمڙائو ۾ 16 ورهين جي نينگري رابيعه ڀٽي جو گولي لڳل لاش هٿ آيو، جنهن جو اطلاع سنجهورو پوليس کي ڏنو ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ڇوڪري جي والد خان محمد ڀٽي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ڌي رابيعه گهر ۾ پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري آپگهات ڪيو آھي، منهنجي ڌي تيز طبيعت جي هئي ۽ گهر ۾ اڪيلي هئي، اسان کيس زخمي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو، پر هو زخمن جا سور نه سهندي رات جو هڪ بجي فوت ٿي وئي. هوڏانهن پوليس ٻڌايو ته وارثن جو مبينا آپگهات وارو بيان شڪي آھي، والد بيان ڏنو آھي ته منهنجي نياڻي بنا ڪنهن خاص سبب جي پنهنجي زندگي جو انت آندو آھي، وارثن واقعي جو اطلاع به هڪ ڏينهن گذرڻ بعد ڏنو، 12 بور جي بندوق مان پاڻ مٿان فائر معاملي کي شڪي بڻايو آهي، واقعي بابت اصل حقيقت پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپو ظاهر ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button