اسلام آبادپاڪستان

مريم نواز کي پوليس ۽ رينجرز جي سيڪيورٽي ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد : مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز کي سيڪيورٽي ڏيڻ جي گهرو وزارت منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب صوبائي حڪومتن کي ان حوالي سان آگاهه ڪيو ويو آهي ته جن ضلعن ۾ جلسا ٿيندا اتان جي انتظاميا قدمن جي ذميوار هوندي. مريم نواز سان هڪ اهلڪار رينجرز ۽ اسلام آباد پوليس جي نفري مقرر هوندي. ٻين ضلعن ۾ واسطيدار ضلعي جي پوليس سيڪيورٽي فراهم ڪندي. گهرو وزارت موجب مريم نواز کي سيڪيورٽي خدشا آهن، سيڪيورٽي جا سخت قدم کنيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button