اسلام آبادپاڪستان

2013 کان اڳ پرڏيهي فنڊنگ ۾ گڙٻڙ هئي،عمران واقف هو:پي ٽي آ جو اعتراف

اسلام آباد : پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيل پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي شنوائي دوران اعتراف ڪيو ته 2013 کان اڳ پرڏيهي فنڊنگ ۾ گڙٻڙ هئي، عمران خان واقف هو. ڪجهه ماڻهن غيرقانوني طور پي ٽي آئي جو نالو وٺي فنڊنگ گڏ ڪئي. سينٽرل فنانس ڪميٽي جي اجلازت جي بغير ڪابه فنڊنگ ٿي ته پي ٽي آئي ذميوار نه آهي. اربع تي چيف اليڪشن ڪميشن سڪندر سلطان راجا جي اڳواڻي ۾ ڪميشن پي ٽي آئي فارن فنڊنگ ڪيس جي شنوائي ڪئي. پي ٽي آئي جو وڪيل اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو ۽ دليل ڏيندي چيو ته 2010 ۾ پي ٽي آئي آمريڪا ۾ رجسٽرڊ ٿي، ڪجهه ماڻهن غيرقانوني طور تي پي ٽي آئي جو نالو وٺي فنڊنگ گڏ ڪئي. پارٽي چيئرمين ان معاملي جو نوٽيس وٺندي سينٽرل فنانس سيڪريٽري جي اجازت جي بغير گڏ ڪيل فنڊنگ بابت هدايتون ڏنيون ويون. سينٽرل فنانس ڪميٽي جي اجازت کان بغير ڪابه فنڊنگ ٿي ته پي ٽي آئي ذميوار نه آهي. ڪميشن جي ميمبر نثار دراني پڇيو ته فنڊنگ جا ذريعا ڪهڙا هئا ته انور منصور جواب ڏنو ته ذاتي حيثيت ۾ فنڊنگ ورتي وئي. پي ٽي آئي فنڊن جا تمام تفصيل اسڪروٽني ڪميٽي ۾ جمع ڪرايا وڃن. پي ٽي آئي فنڊز جو پرڏيهي معيار تي ايڪسٽرل آڊٽ به ٿي چڪو آهي. فنڊنگ جي غيرقانوني استعمال کي روڪڻ لاءِ چيڪ اينڊ بيلنس رکيا ويا. 2013 ۾ پارٽي فنڊنگ جو نظام بهتر بنائڻ لاءِ سينٽرل فنانس ڪميٽي خط لکيو. 2013 کان اڳ فنڊنگ ۾ مسئلا هئا، جنهن تي پارٽي چيئرمين خط لکيو غلطين جي نشاندهي کان پوءِ ذميوارن کي وارننگ ليٽر به جاري ڪيا ويا. ميمبر سنڌ پڇا ڪئي ته احسن اينڊ احسن تي پوءِ توهان جو اعتماد رهيو؟ انور منصور جواب ڏنو ته احسن اينڊ احسن ريگيوليٽر آڊيٽر نه هو، ان جي رپورٽ پي ٽي آئي جي آڊٽ نٿي تصور ڪري سگهجي. ان جي رپورٽ اسڪروٽني ڪميٽي ويب سائيٽ تان ڊائون لوڊ ڪئي وئي. اسان کي ايجنٽ کان جيڪي پئسا مليا، اسان صرف ان جا ذميوار آهيون. ايجنٽ فڊنگ موڪلڻ ۾ ڪجهه گڙٻڙ ڪري ٿو ته پارٽي ان جي ذميوار نه آهي. 2010-11 ۾ آمريڪا برطانيا کان جيتري فنڊنگ آئي ۽ سمورن ڊونرن جو رڪارڊ اسڪروٽني ڪميٽي کي ڏنو ويو. اسڪروٽني ڪميٽي ڪلهه جي بنياد تي رڪارڊ رد ڪري ڇڏيو. انور منصور ٻڌايو ته اسان جي ڊونيشن پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين تي مشتمل آهي. پي ٽي آئي پرڏيهين ماڻهن کان ڪابه فنڊنگ وصول نه ڪئي. ميمبر نثار دراني پڇيو ته ايجنٽس گڙٻڙ ڪئي ته پارٽي ڪهڙي ڪارروائي ڪئي. انور منصور جواب ڏنو ته پارٽي گڙٻڙ ڪندڙ ايجنٽ کي هٽائي ڇڏيو هو. اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته ايئن لڳي ٿو ته پرڏيهي ماڻهن پي ٽي آئي کي فنڊنگ ڏني. ايئن لڳي ٿو ۽ ممڪن طور تي ان جا نتيجا به ڏٺا ويا. قانون ۾ امڪان جي ڪابه حيثيت نه آهي، غير يقيني رپورٽ کي بنياد بڻائي ڪهڙو فيصلو ڪري سگهجي ٿو. انور منصور ٻڌايو ته ايجنٽ جي معاهدي تحت پارٽي جي لائق فنڊ گڏ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. ايجنٽ رضاڪارانه طور تي پارٽي لاءِ ڪم ڪندا رهيا. بئريسٽر احمد حسين پڇا ڪئي ته اهو ٻڌايو ته نصرالله ڪهڙي ملڪ جو شهري هو. اليڪشن ڪميشن ڪيس جي وڌيڪ شنوائي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button