پاڪستانسنڌ

مانجهند ڀرسان ٽرڪ ۽ وين ۾ خوفناڪ ٽڪر،ٻن ڀائرن سميت 16 ڄڻا فوت

ڄامشورو/سن: مانجھند ڀرسان خوفناڪ روڊ حادثي سبب ٻن ڀائرن ۽ عورت سميت 16 ڄڻا فوت ٿي ويا، 5 زخمي، وڏي وزير نوٽيس ورتو، ايم ايس کي معطل ڪيو ويو. تفصيل موجب مانجھند ڀرسان شاھه اڀريو اسٽاپ وٽ انڊس ها وي تي ڄامشورو کان سيوهڻ طرف ويندڙ ٽرڪ ۽ ڪنڊيارو جي ڳوٺ پنهل خان ڪلهوڙو مان لوڻ جي ڪارخاني ۾ پورهئي لا ڪراچي ويندڙ وين ۾ آمهون سامهون خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪنڊيارو جي ڳوٺ پنهل خان ڪلهوڙو جا رهواسي 25 ورهين جو عاشق ڪلهوڙو، 27 ورهين جو معشوق ڪلهوڙو، 30 ورهين جو الطاف ماڇي، 28 ورهين جو سعيد ڪلهوڙو، 35 ورهين جو راهب ماڇي، 24 ورهين جو شفيع محمد ڪلهوڙو، 22 ورهين جو ساجد سولنگي، آصف ڪلهوڙو، 35 ورهين جو شفيق ڪلهوڙو، 31 ورهين جو شڪيل ڪلهوڙو، وڪيل ڪلهوڙو ۽ سڪندر ڪلهوڙو فوت ٿي ويا. جڏهن ته فوتين ۾ عورت ريٽا ڪولهي پڻ شامل آهي. ٻئي پاسي آخري اطلاعن تائين ٽن فوتين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. هوڏانهن فوتين ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال مانجھند منتقل ڪيو ويو، جتان زخمين کي ڄامشورو جي لمس اسپتال ۽ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته حادثي واري هنڌ پهتل تعلقي اسپتال مانجھند جي ايمبولينس خراب هجڻ ڪري علائقي واسين ڌڪا ڏئي اسپتال تائين پهچايو، جنهن ڪري لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪرڻ ۾ ڏکيائون پيش آيون. ٻئي طرف ڪيترائي ڪلاڪ لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيا، جڏهن ته زخمي پڻ روڊ تي تڙپندا رهيا. هوڏانهن تعلقي اسپتال ۾ 16 ڊاڪٽر مقرر هجڻ باوجود ڊيوٽي تي صرف هڪ ئي ڊاڪٽر هجڻ ڪري به زخمين جو صحيح علاج نه ٿي سگهيو، جنهن ڪري اتان جي مقامي ماڻهن زخمين کي ڄامشورو جي لمس اسپتال ۽ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو. حادثي جو شڪار بدنصيب وين سوار عيد ڳوٺ ڪرڻ کان پوءِ مزدوري تي واپس ڪراچي وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو. جڏهن ته موري شهر مان وين ڊرائيور هڪ مرد، عورت ۽ هڪ نينگر کي پڻ رستي تان کنيو، جنهن مان عورت فوت ٿي وئي. جڏهن ته ڄاڻايل مرد ۽ نينگر سخت زخمي ٿي پيا. ٻئي پاسي خوفناڪ روڊ حادثي جو سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي. جڏهن ته وڏي وزير زخمين جو علاج صحيح نه ڪرڻ تي ايم ايس مانجهند کي معطل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته واقعي کان پوءِ ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ، ڊي سي ڄامشورو فريد الدين، ڊي ايڇ او ڄامشورو واقعي واري هنڌ پھچي تفصيل ورتا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button