پاڪستانسنڌ

“ٿرڪول ۾ روزگار ڏيو” اسلام ڪوٽ ۾ ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

اسلام ڪوٽ: ٿرڪول ۾ روزگار نه ڏيڻ خلاف بلاڪ ٽو جي ڳوٺ ڄامن سمون بولو پاڙو جي رهواسين ڳوٺ ۾ ڪئمپ قائم ڪرڻ بعد اسلام ڪوٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي متارو سمون، نصير سمون، حيات، جان محمد، سينڌل سمون، الھداد سمون ۽ ٻين چيو ته ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر اسان ٿيا آهيون، اسان جي ٻه سئو ايڪڙ سروي ۽ سوين ايڪڙ يڪسالا زمين بلاڪ ٽو ۾ اچي وئي آهي، جنهن سبب اسان جو روزگار جو ذريعو ختم ٿي ويو آهي، ڪمپني اسان کي ليبر طور به نٿي نوڪري تي لڳائي، ڪمپني عملدار ٺلهيون دعوائون ڪن ٿا ته مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو آهي، پر هتي ڪابه سهولت نه ڏني وئي آهي، پاڻي جو تلا به سڪي ويو آهي، جنهن ڪري پيئڻ جي پاڻي جي ڍڪ لا پريشان آهيون، ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيو آهي، پر ڪير به ٻڌڻ لا تيار ناهي. هنن چتا ڏيندي چيو ته روزگار سميت بنيادي سهولتون نه ڏنيون ويون ته پيادل مارچ ڪيو ويندو. جڏهن ته ٿر سماجي تحريڪ جي اڳواڻن امير حسن راهمون، رسول بخش، نصير نون ۽ ٻين به متاثرن سان احتجاج ۾ شرڪت ڪئي.
اسلام ڪوٽ/مظاهرو

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button