پاڪستانسنڌ

12 مئي سانحي خلاف ميرپورخاص، دادو ۽ ميهڙ ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ

ميرپورخاص/دادو/ميهڙ: 12 مئي سانحي خلاف ميرپورخاص، دادو ۽ ميهڙ ۾ وڪيل برادري احتجاجي مظاهرا ڪري عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو. تفيصل موجب دادو ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي وڪيلن 12 مئي سانحي خلاف دادو ڊسٽرڪٽ بار جي صدر عبدالرسول عباسي، غلام نبي لاشاري، عبدالحڪيم لغاري، شوڪت برهماڻي ۽ نياز پنهور جي اڳواڻي ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري مظاهرو ڪيو ويو. ميھڙ ۾ بار جي وڪيلن جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ سعيد پنھور، ايڊووڪيٽ امجد حسين ٻلھڙو، ايڊووڪيٽ نجيب مھيسر، ايڊووڪيٽ اعظم خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. هنن چيو ته 12 مئي جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ڏئي شھيد ٿيل ڪارڪنن ۽ وڪيلن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، سنڌ ھا ڪورٽ ۾ ٻين صوبن جي ججن جي مقرري روڪي سنڌي ججن کي مقرر ڪيو وڃي. جڏهن ته ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ميرپورخاص پاران بار آفيس ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺائي احتجاج ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button