راولپنڊي : پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر چيو آهي ته پشاور ڪور ڪمانڊر جي حوالي سان تازا بيان انتهائي نامناسب آهن. سينيئر قومي سياسي قيادت مان اميد ڪجي ٿي ته اداري خلاف اهڙن تڪراري بيانن کان پاسو ڪندي. ڪالهه آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پشاور ڪور پاڪستان آرمي جي هڪ ممتاز فارميشن آهي، پشاور ڪور ٻه ڏهاڪن کان دهشتگردي خلاف قومي جنگ ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان اهم ڪور جي قيادت سدائين بهترين پروفيشنل هٿن ۾ سونپي وئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب پشاور ڪور ڪمانڊر جي حوالي سان اهم سينيئر سياستدانن جا تازا بيان انتهائي نامناسب آهن، سينيئر قومي سياسي قيادت مان اميد ڪجي ٿي ته اداري خلاف اهڙن تڪراري بيانن کان پاسو ڪندي. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪ فوج جا بهادر سپاهي ۽ آفيسر ملڪ جي خودمختياري ۽ سالميت جي حفاظت لاءِ هميشه پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندا رهيا آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته ڪجهه ڏينهن کان سياسي قيادت جا بيان انتهائي نامناسب آهن. جڏهن ته اسان هر هر عرض ڪري رهيا آهيون ته فوج کي سياست ۾ نه ڇڪيو وڃي ڇو ته اسان جو سياست ۾ ڪوبه دخل ناهي ۽ اسان جي قيادت جو سڄو ڌيان پنهنجن ذميوارين تي آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آرمي چيف جي مقرري جو طريقيڪار آئين ۾ ڏنل آهي. آئين۽ قانون تحت آرمي چيف مقرر ڪيو ويندو، ان پوسٽ تي بنا ڪنهن سبب جي بحث ڪرڻ معاملي کي تڪراري بڻائڻ آهي. پاڪ فوج جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته فوج کي چونڊون ڪرائڻ جي دعوت ڏيڻ مناسب ناهي ڇو ته اهو هڪ سياسي مسئلو آهي ۽ پاڪستان جو قانون فوج کي حڪم ڏئي ٿو ته هو سياست کان پري رهن. بار بار مطالبو ڪيو ويو آهي ته هٿياربند فوج کي سياسي بحث کان پري رکيو وڃي، اسان جا سيڪيورٽي چئلينج ايترا وڏا آهن جو اسان ملڪ جي سياست ۾ شامل نٿا ٿي سگهون. جيڪڏهن ملڪي سلامتي ۾ ڪا به غلطي ٿي آهي ته معافي جي گنجائش ناهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته فوج اندر ۾ ورهائجي سگهي ٿي ته کيس فوج جي خبر ناهي، سڄي فوج هڪ سلسلي ۾ شامل آهي. ڪنهن کي به شڪ نه هئڻ گهرجي ته فوج اندر ڪو اختلاف پيدا ڪري سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته واضح ڪريان ٿو ته جائز تنقيد سان ڪو مسئلو ناهي، خاص طور تي سوشل ميڊيا تي تنقيد نه پر پروپيگنڊا ڪئي وڃي ٿي. واضح ڪريان ٿو ته فوج ۾ ڪنهن به رينڪ تي ڪمانڊ جي پوزيشن اهم هوندي آهي، ڪو به ڪور ڪمانڊ آرمي چيف کان پوءِ اهم پوسٽ تي هوندو آهي. اسان جي فوج جو 70 سيڪڙو حصو تعينات آهي، مختلف هنڌن تي دهشتگردي خلاف ڪارروايون جاري آهن. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان کي ڪيتريون ئي ڪاميابيون مليون آهن. هن چيو ته جلد چونڊن جو فيصلو سياستدانن کي ڪرڻو آهي، فوج جو ڪو به ڪردار ناهي. سياستدان ويهڻ جي صلاحيت رکن ٿا ۽ بهتر طريقي سان فيصلو ڪري سگهن ٿا، جڏهن به ڪنهن سياسي معاملي تي فوج کي طلب ڪيو ويندو آهي ته معاملو تڪراري بڻجي ويندو آهي. اليڪشن دوران سياستدان سيڪيورٽي لا فوج کي گهرائيندا ته فرض نڀائينداسين. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب فوج ڪڏهن به سياستدانن کي ملاقاتن جي دعوت نه ڏيندي آهي، جڏهن فوج کي گذارش ڪئي ويندي آهي ته پوءِ آرمي چيف کي ملاقات ڪرڻي پوندي آهي. ان حوالي سان سموري ذميواري سياستدانن جي هوندي آهي، اهي ملاقاتون اوپن نه ڪيون وينديون آهن. پاڪ فوج جي ترجمان وڌيڪ چيو ته آرمي چيف جي مقرري بابت ڳالهيون بلڪل مناسب ناهن، مقرري جو طريقي ڪار آئين ۽ قانون ۾ واضح ڪيو ويو آهي، ان تي بحث ڪرڻ ان کي تڪراري بڻائڻ جهڙو آهي، تنهن ڪري درخواست ٿو ڪيان ته ان معاملي تي بحث نه ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close