اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

پاڻي جي سخت کوٽ آهي،15 جون تائين ختم ٿي ويندي:خورشيد شاهه

اسلام آباد :قومي اسيمبلي ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ملڪ ۾ توانائي بحران سبب ٿيندڙ لوڊشيڊنگ تي بحث ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو آهي ته پاڻي جو مسئلو الله تعاليٰ طرفان آهي، مُلڪ ۾ 1961ع کانپوءِ هلندڙ سال پاڻي جي شديد کوٽ درپيش آهي. اميد آهي ته 15 جون تائين پاڻي جي کوٽ ختم ٿي ويندي. پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ چولستان کي آئين تحت برابري جي بنياد تي پاڻي ملندو. ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان ميمبرن پاران اٿاريل معاملي تي پاليسي بيان ۾ هن چيو ته اسان کي حقيقت کي منهن ڏيڻ گهرجي ۽ جمهوري روايتن جو به خيال رکڻ گهرجي. هن چيو ته وزيرن، ميمبرن ۽ ليڊرشپ کي ايوان ۾ موجود رهڻ گهرجي. وزيرن کي باقي ڪم پارليامينٽ کانپوءِ ڪرڻ گهرجن. پاڻي جي مسئلي تي ڳالهائيندي هن چيو ته پاڻي انسانن، جانورن ۽ زراعت جو مسئلو آهي، اسان جو مستقبل به پاڻي سان جڙيل آهي. پاڻي جي شديد کوٽ آهي، اهڙي طرح جي کوٽ 1961ع ۾ آئي هئي، ان وقت اها ڊگهي کوٽ ٿي پر هن ڀيري اسان کي اميد آهي ته 15 جون تائين ان کوٽ تي ضابطو آندو ويندو. جيڪڏهن گرمي پد اهو ئي برقرار رهيو ته تربيلا کان گدو تائين ايندڙ 15 کان 22 ڏينهن ۾ پاڻي پهچي ويندو.ڪابل کان گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري 43 سيڪڙو کان گهٽجي 37 سيڪڙو پاڻي اچي رهيو آهي. هن چيو ته پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان سميت پوري ملڪ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، اميد آهي ته 30 جون تائين الله اسان کي ايترو پاڻي ڏيندو جو پوزيشن بهتر ٿي ويندي. هن خاطري ڪرائي ته آئين تحت سڀني کي برابري جي بنياد تي پاڻي ملندو. هن پنجاب حڪومت کي درخواست ڪئي ته هو پنهنجو 300 ڪيوسڪ پاڻي گهٽ ڪري چولستان کي ڏئي ته اسان ٿورائتا رهنداسين. ان کان اڳ اعتراض واري نقطي تي مسلم ليگ (ن) جي ميمبر شيخ فياض الدين چيو ته منهنجو تڪ ضلعي رحيم يار خان ۽ چولستان تي ٻڌل آهي، اهو تڪ ماضي ۾ هڪ غير قانوني قدمن جي ذريعي پنجاب ۾ ضم ڪيو ويو. هن چيو ته چولستان جي صحرائي ماڻهو الميي جو شڪار آهن، اتي جانور اڃ جي شدت سان مرن پيا، پيئڻ جو پاڻي به دستياب نه آهي. جانور ته جانور ٻار به اڃ سبب تڙپي رهيا آهن، آبپاشي لاءِ 200 ملين ڪيوسڪ پاڻي به ڏنو وڃي ته اسان جون زمينون آباد رهنديون. قومي اسيمبلي ميمبر ڪمال الدين چيو ته بلوچستان ۾ آبادگارن کي وڏيون مشڪلاتون آهن، چار سالن جي جدوجهد جو بنيادي مقصد عوام کي سهولتون ڏيڻ هو، حڪومت بجلي جي حوالي سان ڌيان ڏي. هوڏانهن ڊاڪٽر فهميدا مرزا جو مائيڪ بند ڪرڻ تي اسپيڪر ۽ جي ڊي اي ميمبرن وچ ۾ منهن ماري ٿي. اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته توهان کي اڳوڻي اسپيڪر جي سبب پهريان موقعو ڏنو هاڻي اختسار ڪيو. فهميدا مرزا چيو ته توهان کي شايد بائڊن زرداري جي دوستي جو سبب برو لڳو آهي، پنجن ماڻهن کي ئي ٻڌي وٺو، فهميده مرزا چيو ته اسان جيڪڏهن قورم جي نشاندهي ڪيون ها ته توهان جا پرڏيهي وزير ڳالهائي نه سگهن ٿا. اهو رويو رهيو ته قورم جي نشاندهي ٿيندي. اڳوڻي وزير چيو ته مان محترمه بينظير ڀٽو، نصرت ڀٽو سان گڏ ٻه ڀاڱي 3 اڪثريت واري حڪومت ۾ به اپوزيشن ڪئي آهي ايئن نه ٿئي جو توهان به پنهنجي اندر اٿندڙ آوازن کي برداشت نه ڪري سگهو. اسپيڪر راجا پرويز اشرف جواب ڏنو ته مان توهان سڀني جو اسپيڪر آهيان قورم جو مسئلو منهنجو نه آهي حڪومت جو آهي. فهيمدا مرزا جواب ڏنو ته 14 سالن کان توهان جي حڪومت سنڌ ۾ آهي پر توهان ڪوبه قدم نه کنيو آهي.فهميده مرزا چيو آهي ته پرڏيهي وزير جيڪڏهن ڳالهائڻ کان پوءِ ويهي ها ۽ اپوزيشن جي ڳالهه ٻڌي ها ته بهتر هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button