اسلام آباد :پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بي اعتمادي کان هڪ رات اڳ مون کي ڌمڪي ڏني وئي ته تڪڙيون چونڊون ڪرايون وڃن، ائين نه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ مارشل لا هنيو ويندو. اسان سڀني کي گڏجي ملڪ کي عمران خان جي سازش کان بچائڻو آهي ۽ ان لاءِ پيپلز پارٽي جي حڪمت عملي آهي “پهريون سڌارا پوءِ چونڊون”.ڪالهه قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته بي اعتمادي کان هڪ رات اڳ مون کي پيغام پهچايو ويو ۽ ڌمڪي ڏني وئي. وزير ذريعي حڪومت ڌمڪي مون تائين پهچائي، تڪڙين چونڊن يا مارشل لا جي ڌمڪي ڏني وئي. هن چيو ته اسان اهي غير جمهوري طاقتون ناهيون، جيڪي چونديون هيون، اڳ ۾ احتساب ٿئي ۽ چونڊون ٿين. اسان پاڪستان جي عوام سان واعدو ڪيو هو ته سڀ کان پهريان چونڊ سڌارا آڻينداسين ۽ ان لاءِ ضروري آهي ته گذريل حڪومت جي سمورن سڌارن کي ختم ڪيو وڃي ۽ گڏجي ويهنداسين ۽ اهڙي حڪمت عملي جوڙينداسين جنهن سان سمورا ادارا آزاديءَ سان ڪم ڪري سگهن. اسان پوليٽيڪل انجنيئرنگ تي يقين نٿا رکون، اسان جو شروع کان ئي مطالبو رهيو آهي ته چونڊ سڌارا ٿين. اسان جمهوري قوتون آهيون ۽ شفاف چونڊون چاهيون ٿا. اسان جو اڳ به مطالبو اهو ئي هو ته پهريان اسان سڌارا ڪيون، اها پ پ جي واضح پاليسي آهي. سندس چوڻ هو ته اڳوڻي حڪومت جمهوري مقابلي کان ڀڄندي جمهوريت تي حملو ڪيو. ان معاملي تي هي ايوان ڪيئن ٿو چُپ رهي سگهي، تاريخ ۾ به آئين کي ڪاغذ جو ٽڪرو سمجهيو ويو، هڪ ڪميشن ٺاهي جائزو ورتو وڃي ته ڪير ڪير آئين جي ڀڃڪڙي ۾ شامل هو. پ پ چيئرمين چيو ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جو جمهوري ۽ آئيني قدم خلاف ڪهڙو ري ايڪشن رهيو؟ اڳوڻي وزيراعظم کان پڇو ته چئن سالن ۾ ملڪ جي معيشت سان ڪهڙي راند کيڏي وئي؟ توهان پنهنجي انا ۽ ضد سان پاڪستان کي عالمي سطح تي ڪيترو نقصان پهچايو؟ بلاول ڀٽو چيو ته گذريل حڪومت جي پاليسين سبب سنڌ سميت سمورن صوبن ۾ پاڻي جو بحران پيدا ٿيو آهي. مهانگائي پنهنجي انتها تي پهچي وئي آهي ۽ ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿيو آهي. ڪشمير جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. والاريل ڪشمير ۾ حد بندي ڪميشن جي رپورٽ کي رد ڪريون ٿا. ڀارتي حڪومت نيون حد بنديون ڪري والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن جي آواز کي دٻائڻ چاهي ٿي. ان حوالي سان ڀارتي نمائيندي کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو ويو. هن چيو ته والاريل ڪشمير جو مسئلو عالمي برادري آڏو بار بار اٿاريو ويندو. ايوان ان معاملي تي متفقه ٺهراءُ پاس ڪندو، پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته پيپلزپارٽي جڏهن اپوزيشن ۾ هئي ته اسان مضبوط اپوزيشن بڻائڻ چاهيون ٿا پر اپوزيشن آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ٿي ۽ اسان دوستن کي به سمجهايو هو ته پيپلز پارٽي انتهائي موقف اختيار نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته هاڻي اها روايت قائم ٿي وئي آهي ته نااهل وزيراعظم کي ويهڻ ۽ احتجاج ڪرڻ بدران جمهوري طريقي سان هٽائي سگهجي ٿو، پر عمران خان جيڪو طريقو اختيار ڪيو آهي، تنهن وٽ هاڻي ٻه آپشن آهن يا عمران خان جي تڪ تي سندن شرط تحت چونڊون ڪرايون وڃن يا هي اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪي ٽين طاقت کي موقعو ڏين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جون حالتون تمام خراب آهن، ان ۾ ڪي به ٻه رايا نه آهن. چاهي اها پاڪستان جي جمهوريت هجي يا پاڪستان جا ادارا، انهن کي هڪ شخص لاءِ تڪراري بڻايو ويو، نقصان پنهنجي جاءِ تي آهي. اڳوڻو وزيراعظم غير جمهوري ۽ غير آئيني هٿڪنڊن سان دٻاءُ وجهي فوري چونڊون يا مارشل لا جو رستو هموار ڪرڻ چاهي ٿو. اسان اهڙي شفاف چونڊ چاهيون ٿا ته 2018ع جي چونڊن وانگر ڪو ان تي آڱر نه کڻي سگهي. اليڪشن ڪميشن جا پر ڪٽڻ ۽ آر ٽي ايس 2 سميت ٻين قانونن جو فوري خاتمو ڪرڻو آهي. هن چيو ته متحده قومي موومينٽ ۽ پيپلزپارٽي جي وچ ۾ سياسي اختلاف سياسي تاريخ جو حصو آهن، بلوچستان ۾ قوم پرست پارٽيون هڪ ٻئي جون اتحادي بڻيون آهن، اهي سڀ گڏجي حڪومت جي ذميداري کڻي رهيون آهن، ملڪ ۾ جنگي ۽ ايمرجنسي حالتون آهن، انهن حالتن ۾ اتحاد قومي اتحاد ئي پنهنجون ذميداريون کڻندو آهي، اڄ هر طرح بحران آهي، اسان اپوزيشن ۾ جيتري مشڪلات سمجهندا هئاسين حالتون اسان جي اندازي کان به بريون آهن، ملڪ بحران ۾ گهيريل آهي، جمهوريت، آئين، جمهوريت ۽ ٻين ادارن ۾ بحران آهي، هر اداري کي چار سالن کانپوءِ هڪ ماڻهو جي لاءِ تڪراري بڻايو ويو، ويندي ويندي هي ان اداري، آئين، جمهوريت سان جيڪو ڪري ويو آهي اهو سڀني جي سامهون آهي. هن اسان جي جمهوري حق جو مقابلو ڪرڻ جي بدران ڀڄندي ڀڄندي آئين شڪني ڪئي، اڃان تائين آئين شڪني ڪري رهيو آهي، هي پارليامينٽ اهڙن حملن کي ڪيئن نظرانداز ڪري سگهي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ ۽ چولستان ۾ پاڻي جو بحران آهي، ڪڻڪ، فوڊ سيڪيورٽي جو بحران حڪومتي تبديلي کان اڳ جو آهي. هن چيو ته روس يوڪرائن جي ڪري ڪڻڪ جي خريداري ۾ وڌيڪ مسئلا ٿيندا. اسان نئون ميثاق جمهوريت ٽو ڪنداسين تنهن هوندي به ان لاءِ وقت گهربل آهي، تيستائين سڀني پارٽين جي لاءِ هڪ ضابطي اخلاق هجي ته ملڪ ۾ سياسيت ڪيئن ڪرڻي آهي، ان ۾ سمورين پارٽين کي اعتماد ۾ وٺڻو پوندو، عدليه، اسٽيبلشمينٽ هر هڪ پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪندو. هن چيو ته جيڪڏهن ان تي متفق نٿا ٿين ته ايندڙ چونڊون خوني ٿينديُون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close