پاڪستانسنڌ

راڌڻ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف شهري اتحاد جو مظاهرو

راڌڻ: سنڌ ۾ ھٿرادو پاڻي کوٽ خلاف راڌڻ ۾ شھري اتحاد طرفان ناڪي چوڪ راڌڻ ميھڙ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيھجي ويون. ڌرڻي کي جسام چيئرمين غازي خان سولنگي، شھري اتحاد جي ڪنوينر ۽ جيئٔي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ امر جوڻيجو، سنڌ عوام فورم جي مرڪزي اڳواڻ علي شير جوڻيجو، ايس يو پي اڳواڻ شبير منگي، دانشور فقير محمد کوکر، سولنگي اتحاد جي اڳواڻ نظر سولنگي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته وفاق سنڌ جي پاڻي کي بند ڪري سنڌين جي نسل ڪشي ڪري کين بک وگھي مارڻ چاھين ٿا، سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو ذميوار پ پ سرڪار آهي، جيڪا وفاق ۾ نواز ليگ جي اتحادي آهي. هنن چتا ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پاڻي کوٽ ختم نه ڪئي وئي ته احتجاج جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button