پاڪستانسنڌ

اعلانيل هڪ ڪروڙ مان ڪجهه چيڪ پاس ٿيا آهن: باهه متاثر

فريدآباد: فريدآباد لڳ ڳوٺ فيض محمد چانڊيو جي باھه متاثرن اميد علي چانڊيو، امام الدين چانڊيو، بھادر چانڊيو، محمد صوف چانڊيو، محمد حنيف چانڊيو ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڳوٺ فيض محمد چانڊيو ۾ باھه واقعي ۾ 9 معصوم ٻارڙن جون جانيون ضايع ٿيون آهن، سمورا گھر مڪمل طور سڙي رک ٿي ويا آهن، زرعي مشنيون ۽ چوپايو مال سڙي ويو آهي، وزيراعظم شھباز شريف ھڪ ڪروڙ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن مان ڪجهه چيڪ ڏنا ويا آهن، جن مان ڪجهه پاس ٿيا آهن، جڏهن ته ڪجهه نالن جي درستگي نه ھجڻ ڪري چيڪ پاس ٿي ناھن سگھي، وڏي وزير مراد علي شاھه جي اعلانيل گهرن جو تعميراتي ڪم به سست رفتاري سان ٿي رهيو آهي، آبپاشي انجنيئر کاٽي صحيح نه پيو ڪرائي، جنهن کي ھٽائي شاخن جي کاٽي مڪمل ڪرائي پاڻي پھچايو وڃي. ھنن چيو ته اسان جا ٻچڙا کلي آسمان ھيٺ ويٺا آهن، گھرن جو جلد تعميراتي ڪم مڪمل ڪرايو وڃي، اسپتال ۽ اسڪول جي بلڊنگ ڏني وڃي، اسان جي مسئلن ۾ پ پ جا مقامي اڳواڻ ۽ ٻيا رڪاوٽ بڻيل آهن، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي، ايم پي اي نواب سردار خان چانڊيو مالڪي ڪئي آهي، پر ڏک اهو آهي ته تڏي تي لڙي نه آيو آهي. هنن وڏي وزير کي اپيل ڪئي ته فريدآباد کي ايمبولينس ڏني وڃي.
فريدآباد/باهه متاثر

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button