اسلام آبادپاڪستان

هڪ کان وڌيڪ پاڪستاني پاسپورٽس ڪينسل ڪيا ويندا:مريم اورنگزيب

اسلام آباد :سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاسپورٽ ايڪٽ 1974 تحت هڪ کان وڌيڪ پاڪستاني پاسپورٽ ڪينسل ڪيا ويندا. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وفاقي ڪابينا جي 10 مئي 2022 جي اجلاس ۾ پاسپورٽ ايڪٽ 1974 تحت هڪ کان وڌيڪ پاڪستاني پاسپورٽس ڪينسل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. پرڏيهي پاسپورٽس ڪينسل ڪرڻ جي خبر غلط رپورٽ ٿي هئي. هن چيو ته 2 پاڪستاني پاسپورٽ رکڻ ڏوهه آهي، ٻه پاڪستاني پاسپورٽ ڪيسنل ڪرڻ جي آخري تاريخ 31 ڊسمبر 2022 مقرر ڪئي وئي. ان فيصلي تي عمل ٻاهرين ملڪ شهريت يا غير ملڪي پاسپورٽ تي نه هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button