پاڪستانسنڌ

گٽڪي ڪيس ۾ شاهدي ڏيڻ آيل اي ايس آئي گٽڪو کائڻ تي گرفتار

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم جي عدالت ۾ گٽڪي ڪيس ۾ جوابدار خلاف شاهدي لا پيش ٿيندڙ اي ايس آئي پاڻ گٽڪو کائڻ تان گرفتار ٿي ويو. رپورٽ موجب اسسٽنٽ سيشن جج ۽ سينيئر سول جج اعجاز علي شاهھ جي عدالت ۾ گٽڪو برآمد ٿيڻ جي ڪيس ۾ جوابدار خلاف شاهدي لا عدالت ۾ پيش ٿيندڙ ٽنڊوآدم سٽي ٿاڻي جو اي ايس آئي اميربخش عمراڻي عدالت ۾ پاڻ گٽڪو کائيندو رهيو، جنهن تي عدالت مٿس سخت ناراض ٿيندي کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ سندس تلاشي وٺڻ جو حڪم جاري ڪيو، تلاشي دوران اي ايس آئي جي کيسي مان گٽڪو نڪتو. عدالت ايس ايس پي سانگهڙ کي اي ايس آئي خلاف محڪماڻي ڪارروائي جو حڪم ڏنو. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او سٽي آغا اسدالله پٺاڻ ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي ڊي ايس پي ٽنڊوآدم ڪارروائي ڪندي اي ايس آئي اميربخش عمراڻي کي معطل ڪيو آهي، اميربخش کي سانگهڙ ڪوارٽر گهاٽ ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button