پاڪستانسنڌ

دهشتگردن کي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي، کين چونڊي چونڊي ماريو ويندو: وڏو وزير

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته دهشتگردن کي لڪڻ جاءِ نه ڏينداسين، چونڊي چونڊي دهشتگرد ختم ڪنداسين. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جناح اسپتال ۾ ڪراچي جي علائقي صدر ۾ ٿيل ڌماڪي جي زخمين سان عيادت ڪئي ۽ هنن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ان بعد هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڪراچي گھڻا خراب ڏينهن ڏٺا پر اهو وقت واپس اچڻ نه ڏينداسين. سيد مراد علي شاهه چيو ته دهشتگردن کي لڪڻ جاءِ نه ڏينداسين، چونڊي چونڊي دهشتگرد ختم ڪنداسين. هن چيو ته دهشتگردن جو ڪو مذهب ناهي نه ئي ٻولي، دهشتگرد منظم آهن ۽ ٻاهرين ملڪن کان انهن کي مدد ٿي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button