پاڪستانسنڌ

حيدرآباد انتظاميا جي ڪارروائي، غيرمعياري تيل جي فيڪٽري سيل

حيدرآباد: ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو جي هدايتن تي تعلقي لطيف آباد ۾ غيرمعياري ڪوڪنگ آئل تيار ڪندڙ فيڪٽري کي سيل ڪري هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو، خبر موجب اسسٽنٽ ڪمشنر لطيف آباد لالا اقبال اعواڻ، مختيارڪار ماجد سپيو ۽ اسسٽنٽ مختيارڪار اسدالله جوڻيجو ڪارروائي ڪندي وڍ ٿاڻي جي حد ۾ قائم نجي آئل ڪمپني کي غيرمعياري کاڌي جو تيل تيار ڪرڻ تي ٻئي حڪم تائين سيل ڪري ڇڏيو.

جڏهن ته اتان هڪ شخص کي پڻ گرفتار ڪري قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. اي سي لاڳاپيل ادارن کي سيل ڪيل فيڪٽري جي نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن ٻيهر فيڪٽري کي نه کولڻ کي يقيني بڻائي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button