اسلام آباد :سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 16 هزار 291 ڪرونا ٽيسٽون ڪيون ويون. ڇنڇر تي اين آءِ ايڇ پاران جاري ڪيل ٽوئيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 16 هزار 291 ڪرونا ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 85 ماڻهن جا ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو آيا. اهڙي ريت 24 ڪلاڪن دوران پازيٽو ڪرونا ٽيسٽ جي شرح 0 ڏهائي 52 سيڪڙو رهي. جڏهن ته ان دوران ڪو به مريض فوت نه ٿيو. ڪرونا وائرس ۾ مبتلا 119 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close