اسلام آبادپاڪستان

ن ليگ جو سخت معاشي فيصلا اڪيلي سر ڪرڻ کان انڪار

لاهور: مسلم ليگ ن موجوده صورتحال ۾ سخت معاشي فيصلا اڪيلي سر ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي گهرو وزير راڻا ثناءُالله جو چوڻ هو ته حڪومت معيشت بحال ڪرڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ تي تيار آهي پر ان جي هڪ سياسي قيمت به آهي، اها سياسي قيمت ن ليگ اڪيلي ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪڏهن اها قيمت سمورا اتحادي گڏجي ادا ڪندا ته اسان تيار آهيون. راڻا ثناءُالله جو چوڻ هو ته مسلم ليگ ن پيٽرول سبسڊي ختم ڪرڻ جو اڃان ڪو فيصلو ناهي ڪيو، سبسڊي ختم ڪئي ته مهانگائي وڌندي، اهو فيصلو اتحادي گڏجي ڪنداسين. پيپلزپارتي اڳواڻ نيئر بخاري راڻا ثناءُالله سان اتفاق ڪندي چيو آهي ته جيڪي به فيصلا ٿيندا اتفاق راءِ ۽ گڏجي ويهي ڪرڻا پوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button