پشاور: اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه ۾ آپگهاتي ڌماڪي ۾ 3 سيڪيورٽي اهلڪار ۽ 3 ٻار شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب ميران شاهه ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي ۾ ٽن سيڪيورٽي اهلڪارن سان گڏ ٽي ٻار به شهيد ٿيا. آءِ ايس پي آر موجب شهيد اهلڪارن ۾ حوالدار زبير قادر، سپاهي عزير اصفر ۽ سپاهي قاسم مقصود شامل آهن. آءِ ايس پي آر مطابق شهيد ٻارن ۾ 4 ورهين جي انعم، 8 ورهين جو احسن ۽ 11 ورهين جو احمد حسن شامل آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته انٽيليجنس ايجنسيون آپگهاتي حملو ڪندڙن ۽ ان جي هينڊلرز ۽ سهولتڪارن بابت ڄاڻڻ لاءِ جاچ ڪري رهيون آهن. وزيراعظم شهباز شريف آپگهاتي بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي 6 ماڻهن جي شهادت تي غم ۽ افسوس ۽ متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close