پشاور: پشاور جي علائقي سربند جي علائقي بٽا تل ۾ فائرنگ سبب سک برادري سان تعلق رکندڙ ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب پشاور جي علائقي سربند ٿاڻي جي حد بٽش تل بازار ۾ اڻڄاتل جوابدارن جي فائرنگ سبب سک برادري سان تعلق رکندڙ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا. مقتولن جي سڃاڻپ 42 ورهين جي سلجيت سنگهه ۽ 38 سالن جي رنجيت سنگهه جي نالن سان ٿي آهي. پوليس اختيارين ٻڌايو آهي ته واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي جنهن لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته واقعي واري هنڌان اهم شاهديون گڏ ڪري سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. پوليس ٻڌايو ته قتل ٿيندڙ سلجيت سنگهه ۽ رنجيت سنگهه جي بٽه تل بازار ۾ مصالحن جا دڪان آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close