اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف هڪ دفعو ٻيهر پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ جي تجويز رد ڪري ڇڏي. وفاقي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته وزيراعظم چيو ته عوام تي وڌيڪ بار نٿا وجهي سگهون، پيٽرول جي قيمت اڃا نه وڌائي رهيا آهيون. مستقبل ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ ڦير گهير ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته عمران خان جي پاليسي ۽ نااهلي سبب ملڪ جي معيشت سخت خساري ۾ آهي. ڪرونا دوران امداد ۽ قرض جي ادائيگي جي دير سان ٿيڻ ڪري گذريل حڪومت کي فائدو مليو. پر اهو عوام تائين منتقل نه ڪيو ويو. مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، عوام تي وڌيڪ بار نه وجهنداسين. 18 مئي تي آئي ايف ايف وٽ وڃي رهيا آهيون، سبسڊي جي حوالي سان ٻيهر ڳالهه ڪندس. خدا جي واسطي پي ٽي آئي جا اڳواڻ اسان کي معيشت جي باري ۾ نه سيکاريو، جيڪو توهان معيشت جو حال ڪيو آهي، ان کان سڀ واقف آهن. اسان هلندڙ سال 4 ارب ڊالر جو تيل درآمد ڪنداسين. آچر تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پيٽرول جي قيمت وڌايون ٿا ته گناهگار ٿيون ٿا ۽ نٿا وڌايون ته به گناهگار ٿيون ٿا. هن چيو ته عمران خان آخري وقت ۾ حڪومت کي بچائڻ لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي. عمران خان اها بارودي سرنگهه وڇائي ويو آهي ۽ ان تي خوش ٿي رهيو آهي. توهان مسلم ليگ (ن) کي نقصان پهچائڻ بچاءِ ملڪ کي ڪهڙي رستي تي وٺي آيا آهيو. اڄ حڪومت کي عمران خان جي سبسڊي سبب پيٽرول ۽ ڊيزل تي ماهوار 120 ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، جيڪو سويلين حڪومت جي خرچن کان 3 ڀيرا وڌيڪ آهي. هن چيو ته توهان جن اٽي جي چڪين کي هزارين ٽن ڪڻڪ ڏني هئي، ان جي بجلي جو بل زيرو هو. ڪڻڪ افغانستان اسمگل ڪرائي ڇڏي ۽ ڀاڻ به اسمگل ڪرائي ڇڏيو. وفاقي وزير ٻڌايو ته ڀاڻ جي 2600 کان 3000 رپين جي ٻوري ۾ اسان 4 هزار رپين جي سستي گئس ڏني آهي سڄي دنيا ۾ ان ٻوري جي قيمت 8 کان 9 هزار رپيا بڻجي ٿي، جيڪا اسان پنهنجي هارين کي سستي ڏيندا آهيون. هن چيو ته گذريل چئن سالن ۾ ڪپهه، چانورن جي ٻچ سميت ڪنهن فصل جي ٻج تي ڪوبه ڪم نه ٿيو آهي، اها ان جي زراعت جي ڪهاڻي هئي. اسان حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ يوٽلٽي اسٽورز ۾ کنڊ جي قيمت گهٽ ڪري 70 رپيا في ڪلو ڪري ڇڏي آهي، جيستائين اسٽاڪ رهندي ان وقت تائين 70 رپيا ڪلو ئي ملندي. اسٽاڪ ختم ٿيڻ کان پوءِ سبسڊي ڏني ويندي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته اسد عمر تنقيد ڪري رهيو آهي يا عمران خان چئي رهيو آهي ته رپئي جو ويليو گهٽ ٿي رهيو آهي ته پوءِ ڀاءُ ڊيليوايڪشن ڪنگ ته توهان آهيو. سڀ کان وڌيڪ ڪرنسي جي ويليو توهان جي دور ۾ گهٽ ٿي. وفاقي وزير موجب برآمد ۾ 50 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. اهو 25 سيڪڙو تي برآمد وڌائڻ تي خوش ٿيندا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته شوڪت ترين صاحب چيو هو ته اسان سبسڊي لاءِ پئسا ڇڏي ويا هئاسين ته پوءِ ٻڌايو ته اهو پئسو ڪٿي رکيل آهي؟ هن چيو ته اسان آئي ايم ايف سان گڏجي معاملن کي حل ڪنداسين ۽ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪنداسين. مفتاح اسماعيل چيو ته ڇا مرغي، ٽماٽر يا ڪنهن به شئي جي قيمت ۾ واڌ جو ذميوار شهبازشريف آهي؟
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close