ميرپورساڪرو :علقي ميرپور ساڪري ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگارن ۽ روزاني سنڌ ايڪسپريس جي رپورٽر تي پاڻي چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. خبرموجب تعلقي ميرپور ساڪري ۾ پاڻي کوٽ گذريل چئن مھينن کان برقرار آھي. ان سلسلي ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگارن حاجي الھڏنو ڪلمتي، چاڪر خان مري، گل محمد عرف گولو، ميرو خان، لالو خان، گلشير، ستار، خليفو عرس، قادر بخش بگھياڙ ۽ سنڌ ايڪسپريس ميرپور ساڪري جي رپورٽر غازي ڪلمتي سميت 17 ماڻهن خلاف داروغي محمد عثمان پٽ محمد سومار جي فرياد تي پاڻي چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪيس ۾ فريادي طرفان ساڪرو سب ڊويزن جي ٽاڪلاڻي شاخ مان پاڻي چوري جو مامرو ڄاڻايو ويو آهي. آبادگارن جو چوڻ آهي ته شاخن ۾ پاڻي موجود ئي ناھي، ماڻهو ۽ مال متاع اڃ وگھي مري رھيا آھن. هنن چيو ته پاڻي کوٽ آبپاشي وارا ختم نٿا ڪرائي سگھن پر ٻيڻو پاڻي لا گھوڙا ڪندڙ آبادگارن تي احتجاج ڪرڻ جي ڏوھه ۾ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. ٻئي پاسي ٺٽي ۽ ميرپورساڪرو جي صحافين محبوب بروھي، اقبال جاکرو، عبدالغني گبول، عبدالرزاق ڪلمتي، عظيم ڪلمتي ۽ ٻين صحافي غازي ڪلمتي تي پاڻي چوري جو ڪوڙو ڪيس ڪرڻ جي مذمت ڪئي. ھنن چيو ته صحافي غازي ڪلمتي جي هڪ ايڪڙ به زمين ناھي. پاڻي کوٽ خلاف خبرون ھلائڻ جي ڏوهھ ۾ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. ھنن ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري تي ڪيس ختم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close