سنڌڙي: ڦلھڏيون شھر جو 16 ورھين جو ڇوڪرو عرفان علي پٽ عبدالحڪيم 3 ڏينھن اڳ پيپر ڪري واپس گھر اچي رھيو ته سخت گرمي لڳڻ سبب بيھوش ٿي ويو، جنھن کي حيدرآباد اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، پر نوجوان کي هوش نه آيو. گذريل ڏينهن نوجوان فوت ٿي ويو. وارثن مطابق ڇوڪرو کي مٿي ۾ سور پيو ۽ بيھوش ٿي ويو، سخت گرمي سبب پيپر ڏيڻ ويو ھو، جتان واپسي ۾ کيس مٿي ۾ سور پيو ۽ بيھوش ٿي ويو، جيڪو اڄ اسپتال ۾ ئي فوت ٿي ويو. نوجوان جي فوت ٿيڻ تي سندس ما کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close