پاڪستانسنڌ

ڦلجي ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف ايس ٽي پي جي ريلي

ڦلجي اسٽيشن: ڦلجي اسٽيشن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف ايس ٽي پي جي ڪارڪنن فاضل راهو چوڪ کان ريلي ڪڍي ايوان صحافت اڳيان زاهد شاهه، برڪت علي پنھور، شھباز ملڪ، عرفان راجپوت ۽ مظھر علي جهتيال جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته دادو تعلقي جي وڏي ۾ وڏي شھر ڦلجي اسٽيشن کي چونڊيل نمائندن وساري ڇڏيو آھي، ڦلجي ۾ تعليم توڙي صحت جون سهولتون نه ھئڻ برابر آھن. ڦلجي ۾ قائم بي ايڇ يو ۾ منجهند هڪ کانپو علاج جون سهولتون نٿيون هجن. گرلس هائي اسڪول جي بلڊنگ زبون ٿيڻ سبب سالن کان بند آھي، عمارت ٺھرائڻ لا چونڊيل نمائندن توڙي تعليم کاتي جي اعلى عملدارن جي آفيسن جا چڪر ڪاٽيا، پر ڪير ٻڌڻ لا تيار ناهي. هن گهر ڪئي ته اسان کي بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button