پاڪستانسنڌ

آر او ۽ ڊي آر او پيپلز پارٽي جي ڌر بڻيل آھن: خدابخش درس

کپرو: کپرو ۾ جي ڊي اي اڳواڻ حاجي خدابخش درس، محمد يوسف قائمخاني، چوڌري لياقت علي ۽ پي ٽي آئي اڳواڻن غوثيه جماعت جي خليفن امان الله درس، اسلم جٽ، محمد حيات درس، غلام قادر درس، علي نواز ھڱورجو، صديق خاصخيلي، امام بخش گجو ۽ احمد خان پٺاڻ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته غوثيه جماعت تعلقي کپرو ۾ جي ڊي اي سان اتحاد ڪري پنھنجا گڏيل اميدوار آڻيندي، جي ڊي اي اميدوارن جي مڪمل حمايت ڪئي ويندي. ھنن چيو ته آر او ۽ ڊي آر او پيپلز پارٽي جي ڌر بڻيل آھن، جيڪي اقتدار ڌڻين سان ملي پولنگ اسٽيشنون تبديل ڪرڻ لا پروپوزل ٺھرائي رھيا آھن. اسان اليڪشن ڪمشنر پاڪستان کان مطالبو ٿا ڪريون ته پ پ جي ڌر بڻيل آفيسرن کي ھٽائي 2018ع واريون پولنگ اسٽيشنون بحال ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button