مٺي: مٺي ۾ ٻارهين ۽ يارهين ڪلاس جي شاگردن ڳاٽي ٽوڙ امتحاني فيون وٺڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. صادق فقير ڊگري ڪاليج جا شاگرد امتحاني فيس ۾ واڌ خلاف روڊن تي نڪري آيا، ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري شاگردن ڪاليج کان ڪشمير چوڪ تائين پيادل مارچ ڪيو ۽ ڪشور جئپال، دسرت ميگھواڙ، اشوڪ ڪمار خاموش، ايل جي ميگهواڙ، ساگر گواريو، عبدالمجيد ۽ فهيم جهنجي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. هنن چيو ته امتحاني فيسن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪيو ويو آهي، ٿر جا شاگرد ايتريون ڳريون فيون ڏئي نٿا سگهن. فرسٽ ايئر جي شاگردن جي 800 ۽ انٽر جي 2550 رپيا فيس ورتي پئي وڃي، 150 رپيا فارم فيس به وصول ڪئي پئي وڃي، جيڪو ظلم آهي، امتحاني فيون نه هجڻ ڪري ٿر جا سوين شاگرد اڳتي تعليم پرائڻ کان محروم ٿي ويندا. سرڪار ٻارهين ڪلاس تائين مفت تعليم جو راڳ آلاپيندي رهي آھي ته اوچتو ڳريون فيون مقرر ڪرڻ جو ڪهڙو مقصد آهي. ٿر جا 60 سيڪڙو شاگرد امتحاني فيس نه هئڻ ڪري اڳتي تعليم پرائي نه سگهندا. هنن اختيارين کان گهر ڪئي ته انٽر تائين امتحاني فيس معاف ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close