پاڪستانسنڌ

ٿر ۾ آپگهات گهڻا ٿين ٿا،روڪڻ لا قانونسازي ڪئي وڃي:ڊاڪٽر ڪريم خواجا

مٺي:ٿر ۾ خودڪشين جي وڌندڙ واقعن بعد نفسياتي بيمارين جي علاج لا مختلف سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن جي سهڪار سان ضلعي ٿرپارڪر جي سمورن تعلقن ۾ هڪ ئي ڏينهن 7 مفت طبي ڪئمپون لڳايون ويون، جن جو افتتاح سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽي جي سربراھه ڊاڪٽر ڪريم خواجا ڪيو. ماهر ڊاڪٽرن 3 هزار مريضن جو مفت چيڪ اپ ڪري کين مفت دوائون فراهم ڪيون. ڊاڪٽر ڪريم خواجا دعوى ڪئي ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ ڏينهن ۾ هڪ ئي وقت نفسياتي بيمارين جون 7 ڪئمپون لڳائي 3 هزار مريضن جو مفت علاج ڪيو ويو آھي. ڪئمپن تي موجود ڊاڪٽرن جي مشاهدي جي بنياد تي سرڪار کي سفارشون اماڻي خودڪشي واقعن تي ضابطو آندو ويندو. جڏهن ته ڊي سي ٿرپارڪر محمد نواز سوهو سان گڏ سنڌ مينٽل اٿارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر ڪريم خواجا درٻار هال مٺي ۾ پريس ڪانفرنس وڌيڪ چيو ته ٿر ۾ ڊپريشن جي مريضن جو انگ تمام وڌي ويو آھي، ان جا سبب مختلف آھن. سنڌ اندر خودڪشين جو ريشو ٿر جو گهڻو آھي، پر هندستان جي راجستان واري علائقي ۾ خودڪشين جو انگ ٿر سان برابر بيهي ٿو. هن چيو ته خودڪشين جي مڪمل جاچ نٿي ٿئي، پوليس جاچ ڪرڻ لا تيار ناهي، ان ڪري خودڪشين کي روڪڻ لا قانونسازي ڪرڻ لا وڏي وزير کي سفارش ڪندس. هن چيو ته معاشي، سماجي ۽ مسئلن سميت غربت، اڻبرابري ۽ ٻيا ڪيترائي سبب آھن، جيڪي خودڪشين جو ڪارڻ آھن، اسان ڊپريشن جي مريضن جو مختلف ادارن جي گڏيل سهڪار سان علاج ڪنداسين. هوڏانهن سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽي، صحت کاتي، ٿر ضلعي انتظاميا، جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر، ڊائو يونيورسٽي اينڊ هيلٿ سائنسز، سر ڪائوسجي جهانگير انسٽيٽيوٽ آف سائيڪيٽري اينڊ بيهيويئرل سائنسز حيدرآباد، لياقت يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز، انسٽيٽيوٽ آف سائيڪولاجي ڪراچي، چارٽر آف ڪمپيشنز پاڪستان، ٿر فائونڊيشن، پي پي ايڇ آئي، ڪراچي ۽ سنڌ يونيورسٽين جي نفسيات وارن ڊپارٽمينٽ جي سهڪار سان ذهني ۽ نفسياتي صحت، مرضن جي تشخيص ۽ ان جي مفت علاج لا ڪئمپون لڳايون ويون. سڀ کان وڏي فري ميڊيڪل ڪئمپ مٺي سول اسپتال ۾ لڳائي وئي، جنهن جو افتتاح سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪريم خواجه ڪيو، پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي پڻ مفت ميڊيڪل ڪئمپ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ڊي سي ٿرپارڪر محمد نواز سوهو، ڊي ايڇ او ٿرپارڪر ڊاڪٽر گريش ڪمار، ايم ايس سول اسپتال ڊاڪٽر زاهد آرائين ۽ ٻيا موجود هئا. ڪئمپ ۾ 750 مريضن جي چڪاس ڪئي وئي. اسلام ڪوٽ ۾ ڪئمپ جو افتتاح پڻ ڊاڪٽر ڪريم خواجه ڪيو. وڏي وزير جي اڳوڻي خاص معاون ويرجي ڪولهي ننگرپارڪر ۾ ڪئمپ جو افتتاح ڪيو، لمس جي اڳوڻي وي سي ڊاڪٽر بيکارام کيمي جو پار ۾ ڪئمپ جو افتتاح ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button