پاڪستانسنڌ

ماحولياتي تباهي ۽ پاڻي کوٽ خلاف عوامي ورڪرز پارٽي جا مظاهرا

حيدرآباد: سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ماحولياتي تباهي خلاف عوامي ورڪرز پارٽي پاران ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ وفاقي سطح تي ماحولياتي تباهي ۽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف عوامي ورڪرز پارٽي جي ڪارڪنن اسلام آباد ۾ عاليه امير علي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو، جنهن دوران نعريبازي ڪئي وئي. لاهور ۾ ڪامريڊ عابده جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ڄامشورو ۾ عوامي ورڪرز پارٽي پاران مک چوڪ کان ريلي ڪڍي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. احتجاج ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت ڄامشورو جي سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪامريڊ بخشل ٿلهو، تاج مري، عبدالطيف لغاري، ڪامريڊ ارڏو اترادي، ڪامريڊ جوشيلو سنڌي، زاهد مرتضى ڌرايجو، ڪانبو خان ۽ ٻين چيو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سرمائيداري نظام تمام وڏي ماحولياتي تباهي مچائي آهي، جنهن سان سنڌو دريا پڻ سڪي چڪو آهي، ان سان گڏ ايشيا جي وڏي ڍنڍ منڇر به سڪي چڪي آهي، ان سڄي صورتحال سبب سنڌ جو عام هاري ۽ پورهيت تمام گهڻي ڏکي صورتحال مان گذري رهيو آهي. هنن چيو ته پنجاب جا حڪمران سنڌ ۾ ڏڪار واري صورتحال هوندي به چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا لنڪ ڪئنال ٻارنهن ئي مهينا کولي ويٺا آهن، جنهن کي سنڌ جو عوام ڪڏهن به قبول نه ڪندو. پنجاب کان بعد جيڪو پاڻي سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو، ان مٿان وري سنڌ جا وڏيرا قابض ٿي وڃن ٿا، جيڪي بااثر هجڻ سبب پنهنجا ذاتي واهھ ٺاهي پاڻي تي قبضو ڪري ويٺل آهن، جنهن سبب سنڌ جو ننڍو هاري پاڻي جي شديد بحران کي منهن ڏئي ٿو. هنن مطالبو ڪيو ته ماحولياتي تباهي جي روڪٿام لا فوري اپا ورتا وڃن ۽ سنڌو دريا مان نڪرندڙ چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسان لنڪ ڪئنال بند ڪري پڇڙي جي آبادگارن تان پاڻي پهچايو وڃي. لاڙڪاڻي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي ۽ پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن لاڙڪاڻو پاران پريس ڪلب اڳيان خان غفار خان، ڊاڪٽر عمران ٻرڙو، زاهد شيخ، ثاقب عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. خيرپور ناٿن شاهھ ۾ ڪارڪنن هٿن ۾ جهنڊا ۽ بينر کڻي بلوچ پمپ کان ريلي ڪڍي سٽي پريس ڪلب اڳيان ڪاشف چانڊيو، ڪامران چانڊيو، جبران چانڊيو، ڪبير چانڊيو، سياف جي اڳواڻ ذيشان ٻگھيو، طبقاتي جدوجھد جي اڳواڻ عيسيٰ چانڊيو، آبادگار اڳواڻن امتياز مڱريو، ڪليم الله ٻرڙو، رستم چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. سٺ ميل ۾ احمد خيام جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. سڪرنڊ ۾ ڪامريڊ فيض ڪيريو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. نصيرآباد ۾ ڪامريڊ عابده ۽ نجي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. سکر ۾ ڪامريڊ عيدن ۽ مظفر شر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. اهڙي طرح نوابشاهه ۽ دولتپور ۾ به مظاهرا ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button