اسلام آبادپاڪستان

فوري چونڊون يا نگران حڪومت:وزيراعظم اڄ اتحادين جو اجلاس گهرائي ورتو

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف اڄ حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽين جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ فوري چونڊن ۽ نگران حڪومت جي معاملي تي غور ڪيو ويندو ۽ حڪومت جي مستقبل جو فيصلو ڪيو ويندو. ايڪسپريس نيوز کي حڪومتي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اتحادي پارٽين جو اجلاس سومر ڏينهن ٿيندو، جنهن ۾ ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال، آءِ ايم ايف ۽ ٻين معاملن جو جائزو ورتو ويندو. اتحادين جي حمايت مستقبل جو فيصلو ڪيو ويندو. حڪومتي ذريعن تصديق ڪئي ته فوري طور تي اسيمبليون ٽوڙڻ جو ڪو به آپشن غور هيٺ ناهي. جڏهن ته شهباز شريف پنهنجي لنڊن جي دوري دوران حڪومت جي مستقبل لاءِ اتحادين کي آپشنز پيش ڪندو ۽ جيڪي فيصلا ڪيا ويندا، ان لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا. اجلاس ۾ اها به تجويز ڏني وئي ته سموريون اتحادي پارٽيون حڪومت جي سخت فيصلن تي عمل ڪن ڇو ته اسيمبليون ٽوڙڻ سان معاشي مسئلا حل نه ٿيندا. ان ڪري حڪومت کي سبسڊي نٿي ڏئي سگهجي. حڪومتي ذريعن موجب جيئن ئي آءِ ايم ايف سان نئون معاهدو ٿيندو ته دوست ملڪ کليل دل سان پاڪستان جي حمايت ڪندا، ٽن کان چئن مهينن جي مشڪلاتن کانپوءِ معيشت مستحڪم ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت اتحادي پارٽين جي حمايت کانپوءِ حتمي فيصلو ڪندي. جيڪڏهن اتحادي پارٽيون متفق ٿيون ته چونڊون ئي حل هونديون. ان حوالي سان حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف سان به رابطو ڪندي ۽ جيڪڏهن پي ٽي آءِ دلچسپي نه ڏيکاري ته مخالف ڌر جي اڳواڻ جي چونڊ ڪندي معاملي جو فيصلو ڪيو ويندو. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت جلدبازي نه پر عقلمندي سان فيصلا ڪندي. جڏهن ته ملڪ جي مستقبل جي حڪمت عملي جي حوالي سان فوجي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ٿينديون ۽ ملڪ جي مستقبل بابت قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس به طلب ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button