پاڪستانپنجاب

جيڪڏهن مون کي ڪجهه ٿيو ته عوام انصاف ڏياري: عمران خان

فيصل آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن مونکي ڪجهه ٿيو ته پاڪستان جي عوام کي وڊيو ڏسڻ کانپوءِ مونکي ۽ پاڪستان کي انصاف ڏيارڻو آهي. فيصل آباد ۾ عوامي جلسي کي خطاب دوران هن حڪومت کان سوال ڪيو ته پڇڻ چاهيان ٿو ته ڇا هاڻي انهن کان حڪومت سنڀالجي رهي آهي، ميڊيا کي چوان ٿو ته ماڻهن کان ٽماٽن ۽ ڪڪڙين جو ريٽ پڇو. اڳوڻي وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر چيو ته هن خلاف سازش تيار ڪئي پئي وڃي، هن کي قتل ڪرڻ جي سموري پلاننگ موجود آهي پر مون هڪ وڊيو رڪارڊ ڪئي آهي، جنهن ۾ سمورن ماڻهن جو نالا شامل آهي، جيڪي ان سازش ۾ ملوث آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button