پاڪستانپنجاب

روئڻ ٻڌائي پيو ته اسٽيبلشمينٽ عمران جو نمبر بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي: مريم نواز

گجرات: پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي پي ٽي آءِ چيئرمين جو روئڻ ٻڌائي رهيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ عمران خان جو نمبر بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ جنهن نمبر تي هو فون ڪري رهيو آهي اهو نمبر تبديل ٿي ويو آهي. گجرات ۾ عوامي جلسي کي خطاب دوران مريم نواز چيو ته مسلم ليگ ن عمران خان جي ڪوشش ڪيامياب ٿيڻ نه ڏيندي، عوام کان ووٽ وٺندو ته آواز ايندو رانگ نمبر ۽ پاڪستان ۾ ان وقت چونڊون ٿينديون جڏهن اسان جو قائد نواز شريف لنڊن مان فيصلو ڪندو. هن چيو ته اسان پنهنجي بدترين دشمن لاءِ به موت جي دعا ناهيون ڪندا، اسان دعاڳو آهيون ته عمران خان توهان زنده رهو ۽ نواز شريف جون ڪاميابيون ڏسو، جيڪڏهن وڊيو آهي ته سامهون آڻيو، اسان ضمانت ڏيون ٿا ته نواز شريف توهان کي دل سان سيڪيورٽي ڏيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button