پاڪستانسنڌ

نندو ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب نوجوان فوت، گهر ۾ ڪهرام

نندوشھر: نندو ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب نوجوان فوت، خبر موجب نندو ۾ مانسره پاڙي جي رهواسي 35 ورهين جي نوجوان الله ڏنو عرف مغز قمبراڻي زهريلو شراب واپرائڻ سبب فوت ٿي ويو، نوجوان بابت سندس وارثن غلام حسين، مهر علي ۽ ٻين ٻڌايو ته نوجوان شھر ۾ ٺھندڙ زهريلو ڪچو شراب واپرائڻ بعد نشي جي حالت ۾ گهر ۾ بيهوش ٿي ويو.

جنهن کي نندو رورل هيلٿ سينٽر کڻي آياسين جتي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ھنن وڌيڪ چيو ته نندو شھر ۾ سرعام منشيات وڪرو ٿئي ٿي پر نندو پوليس ڪوبه قدم کڻڻ لا تيار ناھي، اسان جو نوجوان شراب واپرائڻ سبب پنھنجي زندگي وڃائي آھي، هوڏانهن فوتي نوجوان جي خبر گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، فوتي نوجوان کي مقامي قبرستان ۾ دفنايو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button