سيوهڻ: 9 مهينا اڳ سيوھڻ جي اڳوڻي ڪائونسلر قربان ابڙو جي ڦر ٿيل ڪار هٿ نه اچي سگهي آهي، جنهن خلاف متاثر شھري پنهنجي عزيزن سان گڏ سيوھڻ پريس ڪلب پھچي جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي، جنهن بعد پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي ڪائونسلر قربان ابڙو ۽ حاجي اسحاق ابڙو چيو ته ٽيڪسي ۾ هلندڙ ڪار ٺيٻاٽ ٿاڻي جي حد ۾ ڀڳي ٺوڙهي جبل ڀرسان 9 مهينا اڳ ڊرائيور کان ڦر ڪئي وئي، جنهن بعد ٿاڻن جا چڪر ڪاٽيندا رهياسين پر ڪار واپس نه ٿي ۽ نه ئي واقعي جو ڪيس داخل ٿيو آهي، جڏهن ته وزيراعليٰ سنڌ پاران معاملي جو نوٽيس وٺڻ تي 4 ڏينهن اڳ ڪار ڦر جو ڪيس ٺيٻاٽ تاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ ٽيڪسي ڊرائيور ٽن جوابدارن ڪارو ماڇي، سجاول ابڙو ۽ نصير پخالي جي نشاندهي به ڪئي آهي، ڇر پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ڪري رهي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close