پاڪستانسنڌ

موٽروي ۽ ٽرانسپورٽرن پاران حادثا گڏجي روڪڻ تي اتفاق

سن: “ڄامشورو ۾ روڊ حادثن کي ڪيئن روڪجي” موٽروي پوليس طرفان ٽرانسپورٽرن سان اهم گڏجاڻي موٽروي آفيس ۾ ڪوٺائي وئي. گڏجاڻي ۾ موٽروي پوليس جي ايس پي عاطف شهزاد، ڊي ايس پي زبير احمد سومرو، ريڊر سرفراز راجپر ۽ سپروائزر توفيق احمد قريشي سميت وينن ۽ بسن اڏن جي مئنيجرن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ ٽرانسپورٽرن ۽ موٽروي پوليس حادثن کي گڏجي روڪڻ تي اتفاق ڪيو. گڏجاڻي کي موٽروي پوليس جي ايس پي عاطف شهزاد خطاب ڪندي چيو ته روڊ حادثن کي روڪڻ لا ٽرانسپورٽرن کي موٽروي پوليس سان تعاون ڪرڻ گهرجي، ڇوته ڪجهه ڏينهن اڳ مانجهند ڀرسان سيوهڻ انڊس ها وي تي وين سان پيش آيل حادثي ۾ 17 انسانيون جانيون ضايع ٿيون آهن، وينن ۽ بسن مالڪن کي گهرجي ته هو پنهنجي ڊائيورن کي هدايتن ڪن ته بسن ۽ وينن جي ڊائيورن کي هدايتن ڪن ته روڊن تي پنهنجون گاڏيون احتياط سان هلائن ۽ ڊرائيونگ دوران موبائل فون جو استعمال نه ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button