ڳاڙهو: ٺٽي ضلعي جي ساحلي پٽي ۾ پاڻي جي شديد بحران سبب مقامي ڳوٺاڻا لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا، چوپايو مال ۽ جھنگلي جيوت پاڻي ڦڙي لا ترسڻ لڳي، آبپاشي کاتو اگھور ننڊ ۾ ستل، لکين ايڪڙن تي پوکيل فصل مڪمل طور سوڪھڙي جي ور چڙھي ويو آهي، ساحلي پٽي جي ڪيٽي بندر، ميرپورساڪرو، گھوڙاٻاري، کاروڇاڻ جي شاخن ۾ پاڻي بدران واري اڏامي رھي آھي، پاڻي جي مسلسل پيدا ٿيل کوٽ سبب ضلعي ٺٽي جي مڙني علائقن ۾ پاڻي جي شديد بحران ڪر کنيو آھي، شاخن ۽ واھن ۾ پاڻي اڻلڀ بڻجي ويو آھي، پاڻي جي بندي سبب لکين ايڪڙ زمينن ۾ پوکيل قيمتي فصل ڪمند، ڪيلا، وونئڻ، پان، ڀينڊيون، مرچ، ڪدو، مڪئي سميت ٻيا فصل سڪي سڙي تباھه ٿي ويا آھن، پاڻي جي اڻاٺ سبب شاخون ۽ واھه سڪي ٺوٺ ٿي ويا آھن، جنھن ڪري ڳوٺاڻا پاڻي حاصل ڪرڻ لا دربدر ٿي ويا آھن، سامونڊي علائقن جي ڳوٺن جا جر پڻ کارا ۽ زھريلا بڻجي ويا آھن.
جنھن ڪري ڳوٺاڻن جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آھي، پاڻي جي لڳاتار کوٽ سبب علائقي اندر بک، بيروزگاري، مھانگائي ۽ معاشي بدحالي مسڪين پورھيتن، ھارين ۽ مزدورن جون متيون منجھائي ڇڏيون آھن. ڏھاڙي تي مزدوري ڪندڙ مسڪين پورھيت طبقو ھڪ ويلي ماني جي ڳڀي لا پريشاني جو شڪار آھي، مئي مھيني ۾ ساريالو ٻيجارو پوکيو ويندو آھي پر پاڻي جي لڳاتار کوٽ سبب اڃا تائين ساحلي پٽي جا آبادگار ھاري ساريالو ٻيجارو پوکڻ کان قاصر آھن، جنھن ڪري ڳوٺاڻا انتھائي مشڪلاتن جي حالتن کان تنگ اچي پيٽ جي بک اڃ اجھائڻ لا ڪراچي سميت ٻين شھرن ڏانھن لڏپلاڻ ڪري وڃي رھيا آھن ساحلي پٽي ۾ پاڻي جي مسلسل کوٽ باوجود آبپاشي کاتي جا عملدار اگھور ننڊ ۾ ستل آھن، سخت گرمين سبب کڏ جو پاڻي واپرائڻ جي ڪري مختلف بيمارين منھن پڻ ڪڍيو آھي. هتان جي رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي پاڻي فراهم ڪري انساني زندگين کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.