ڳاڙهو: ڪيٽي بندر لڳ حجامڙو ٻيٽ تي نوجوان لانچ مان سمنڊ ۾ ڪري ٻڏي ويو، خبر موجب سجاول ضلعي جي ڳوٺ ڇڇ جهان جو رهواسي مهاڻو مينهن وسايو بلوچ گذريل رات دير سان ڪيٽي بندر جي حجامڙو ٻيٽ وٽان لانچ مان سمنڊ ۾ ڪري ٻڏي ويو آھي، مقامي مهاڻن پاران نوجوان جي ڳولا جاري آھي، آخري اطلاعن تائين سندس ڪوبه پتو پئجي نه سگهيو هو، ٻئي طرف نوجوان جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close