پاڪستانسنڌ

پنجاب جو آبپاشي سيڪريٽري ارسا کي سازش تحت هلائي پيو: ڄام خان شورو

ڪراچي: آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ ھڪ اھم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اڄ پاڪستان جو اھم مسئلو پاڻي جي شديد کوٽ آهي ۽ معيشت جو دارومدار پاڻي تي آهي، جڏهن ته پاڻي کانسواءِ زراعت ناممڪن آهي سنڌ جي زراعت جو دارومدار رڳو سنڌو درياهه جي پاڻي تي آهي. جڏهن ته پنجاب وٽ جر جو پاڻي پڻ موجود آهي، ھن چيو ته ارسا جي مشاورتي ڪميٽيءَ جا ٻه اجلاس هر سال ڪوٺايا ويندا آهن، ان سلسلي ۾ 31 مارچ ۾ ارسا جي ايڊوائيزري ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ھن سال مجموعي طور تي 22 سيڪڙو پاڻي جي ڪمي واقع ٿيندي اسان انھي حساب سان سنڌ صوبي ۾ پاڻي ورڇ ۽ طلب جي منصوبابندي ڪئي پر اپريل مھيني جي شروعات ۾ ئي پاڻي جي کوٽ 50 سيڪڙو تائين وڃي پهتي، اهڙي طرح اپريل جي ٻئي هفتي ۾ سنڌ صوبي کي 45 سيڪڙو گهٽ پاڻي ڏنو ويو ۽ مجموعي طور تي رڳو اپريل مھيني ۾ سنڌ کي سراسري طور 42 سيڪڙو جڏهن ته پنجاب کي 36 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ رھي، جنهن تي سنڌ صوبي پاران احتجاج ڪيو. صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته اسان وٽ ڪپهه ۽ ڪڻڪ جو فصل خريف جي شروعاتي سيزن ۾ پوکيو وڃي ٿو، انھي ڪري اپريل جي مهيني ۾ سنڌ کي وڌيڪ پاڻي جي ضرورت پوندي آهي، اضافي پاڻي جي تلافي جون ۽ جولاءِ جي مهينن ۾ ڪئي ويندي آهي پر ھن ڀيري ارسا پاران سنڌ صوبي کي تمام گهڻي پاڻي جي کوٽ ڪئي وئي آهي، 7 مئي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آبي وسيلن واري وفاقي وزير خورشيد شاهه ۽ ارسا جي چيئرمين سان سکر بئراج تي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته تونسا وٽان سنڌ اندر پاڻي صحيح نموني پهچي رهيو آهي، جڏهن ته سکر گڊو وٽ اسان کي پاڻي تمام گهٽ مليو آهي، صوبائي وزير ڄام خان شورو وڌيڪ چيو ته 7 مئي کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس 11 مئي تي طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيئرمين نواب يوسف ٽالپر، سيڪريٽري پاور، ارسا چيئرمين، پنجاب ۽ بلوچستان جا نمائندا پڻ شريڪ ھئا.

ان بعد پاڻي جي کوٽ ۾ بهتري اچڻ بدران ويتر پاڻي کوٽ 51 سيڪڙو تائين وڃي پھتي، جڏهن ته هڪ لک 99 هزار ڪيوسڪ پاڻي موجود آهي، صوبائي وزير چيو آهي ته پنجاب جي آبپاشي واري کاتي جو صوبائي سيڪريٽري ارسا کي ھڪ سازش تحت هلائي رهيو آهي، جيڪو قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي هدايتن کي نظرانداز ڪري سنڌ صوبي جو پاڻي چوري ڪري رهيو آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته چشما ۽ تربيلا مٿان پاڻي گڏ نه ڪيو ويندو، ان جي ابتڙ ٽي پي ۽ سي جِي لنڪ ڪئنال کوليا ويا آهن، جڏهن ته انھي مان پاڻي جو وهڪرو 9 هزار ڪيوسڪ تي هلي رهيو آهي. پاڻي بحران سبب ڪينجهر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح ڊيڊ ليول 47 فوٽن تائين پهچي وئي آهي، جنهن ڪري پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ سي جي ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنال کولڻ سنڌ سان ناانصافي جي برابر عمل آهي. هن چيو ته پنجاب جي آبپاشي واري کاتي جو صوبائي سيڪريٽري سڄي ملڪ جي پاڻي جو انتظام ھلائي رهيو آهي، وفاقي حڪومت کي سوچڻ گهرجي ته موجودا پاڻي بحران ۾ سندن خلاف ڪير سازش ڪري رهيو آهي. ڄام خان شورو چيو ته تونسه ۾ پاڻي ڇڏڻ کانپو ٽن ڏينهن اندر پاڻي سنڌ پهچندو آهي پر 7 مئي کانپو ارسا پاران لڳ ڀڳ 47 ھزارا ڪيوسڪ پاڻي سنڌ ڏانهن ڇڏيو ويو، جيڪو 10 سيڪڙو واٽرلاسز جي حساب سان 42 ھزار ڪيوسڪ ٿيڻ گھرجي ھا پر سنڌ ۾ گڊو وٽ رڳو 34 هزار ڪيوسڪ پاڻي پهتو ۽ پاڻي جي بحران ۾ اھا پريشان ڪندڙ صورتحال هئي. ارسا جي نمائندن اعتراف ڪيو ته تونسه کان گڊو تائين پاڻي غائب ٿي ويو آهي. سنڌ جي مطالبي تي ارسا انڪوائري ڪميٽي جوڙي جنهن ۾ پنجاب، سنڌ، بلوچستان، واپڊا ۽ ٻيا نمائندا شامل هئا. ان انڪوائري ڪميٽي رپورٽ ۾ اعتراف ڪيوته سنڌ صوبي ۾ 32 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي. صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته پنجاب جو صوبائي سيڪريٽري آبپاشي زبردستي سي جي ۽ ٽي پي لنڪ ڪينال هلائي رهيو آهي ۽ هو ارسا ۽ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي فيصلن کي به نظرانداز ڪري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button