پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ڊالر بلند ترين سطح تي پهچي ويو، اسٽاڪ مارڪيٽ به شديد ٻاڙائي جو شڪار

ڪراچي: ڊالر هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو، جڏهن ته اسٽاڪ مارڪيٽ به زبردست گهٽتائي کانپوءِ 43 هزار جي نفسياتي حد کان محروم ٿي وئي. رپورٽ موجب 10 مهينن ۾ واپاري خسارو 65 سيڪڙو کان وڌي 39 ڏهائي 3 ارب ڊالر ٿي ويو، اپريل 2022ع ۾ خام تيل جو درآمدي بل 72 سيڪڙو جي رڪارڊ سطح تي پهچڻ سميت ملڪ کي درپيش بدترين معاشي چئلينجن کان ڊنل سيڙپڪارن طرفان وڏي پيماني تي شيئرز جي وڪري ۽ غير يقيني سياسي صورتحال سبب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر تي به لاٿ جو تسلسل برقرار رهيو ۽ انڊيڪس جي نفسياتي سطح 43 هزار پوائنٽس جي نفسياتي سطح به ڪري پئي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جو ملهه گهٽ وڌائي بعد هڪ روپيو 66 پئسن جي اضافي سان 194 رپيا 18 پئسن جي بلند ترين سطح تي بند ٿيو جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو ملهه هڪ رپيو 80 پئسا وڌي ويو جنهن کانپو اهو ساڍا 196 رپين تائين پهچي ويو

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button