پاڪستانسنڌ

ڌماڪي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، افسوسناڪ واقعو آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته شروعاتي اطلاعن موجب پوليس موبائل کي نشانو بڻايو ويو آهي. هن چيو ته اهو افسوسناڪ واقعو آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي. هن وڌيڪ چيو ته پوليس ۽ ضلعي انتظاميا امدادي ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن ۽ اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته جاچ ڪندڙ ۽ سڪيورٽي ادارا ڌماڪي جي نوعيت جي جاچ ڪري رهيا آهن، واقعي جو حتمي فيصلو رپورٽ اچڻ بعد ئي ڪيو ويندو. صوبائي وزير چيو ته ڪراچي جو امن دشمنن کي هضم نه ٿي رهيو آهي، اهڙيون حرڪتون حڪومت ۽ قوم جو حوصلو پست نه ڪنديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button