اسلام آباد : وفاقي حڪومت رليف پلان جي منظوري بنا پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته حقدار ماڻهن کي پيٽروليم شين تي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏيڻ لاءِ 3 پلان جلد منظوري لاءِ وزيراعظم کي پيش ڪيا ويندا. هن چيو ته وزيراعظم 18 کان 20 هزار رپيا ماهوار آمدني رکندڙ غريب ۽ حقدار ماڻهن کي رليف پلان ڏيڻ بنا پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ نه ڪندي. سندس چوڻ هو ته ملڪي وسيلا وڌن ته فلاحي منصوبن تي خرچ وڌيڪ ڪري سگهبا. ملڪ ۾ ڊاڪيومينٽري اڪانامي تمام ضروري آهي، ڇو ته ان سان روينيو وڌندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close