اسلام آباد : اڳوڻي حڪومت جي ڪيترن ئي وزيرن منسٽر ڪالوني مان اڃا تائين سرڪاري رهائشگاهون خالي نه ڪيون آهن. اڳوڻي وفاقي وزير حماد اظهر هائوسنگ واري وزارت جي نوٽيس کانپوءِ پنهنجي رهائشگاهه خالي ڪري ڇڏي. جڏهن ته پنجن وزيرن اڃا تائين پنهنجون رهائشگاهون خالي نه ڪيون آهن. ذريعن موجب هائوسنگ واري وزارت پي ٽي آءِ جي باقي رهيل وزيرن کي به پنهنجون رهائشگاهون خالي ڪرڻ جو حتمي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. اهي وزير منسٽر ڪالوني ۾ رهائش پذير آهن. اڳوڻي وفاقي وزيرن پرويز خٽڪ، زبيدا جلال، نور الحق قادري، فهميدا مرزا ۽ عثمان ڊار اڃا تائين پنهنجون رهائشگاهون خالي نه ڪرايون آهن. جڏهن ته هائوسنگ وزارت طرفان انهن اڳوڻي وزيرن کي نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close