اسلام آبادپاڪستان

هيٽ ويو جون تائين رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي:شيري رحمان

اسلام آباد : موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان 1961 کان پوءِ هاڻي سڀ کان گرم مهينن کي منهن ڏئي رهيو آهي. موسميات کاتي هيٽ ويو جي جون تائين جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. شيري رحمان جي صدارت هيٺ ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير فوڊ اينڊ سيڪيورٽي طارق بشير چيما ۽ پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير خورشيد شاهه شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته هيٽ ويو جي حوالي سان نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويندو ۽ وزارت فوڊ اينڊ سيڪيورٽي کان آبپاشي جي حوالي سان رپورٽ ورتي ويندي. ان موقعي تي ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته پاڪستان کي موجوده صورتحال ۾ ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان ڊيٽا دستياب نه آهي. صوبائي حڪومتون ڪنٽرول رومز کي هيٽ ويو سان متاثر ماڻهن ۽ چوپائي مال جو ڊيٽا فراهم ڪنديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button