اسلام آباد :وفاقي ڪابينا نيب ترميمن لاءِ قانون واري وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙڻ جو منظوري ڏئي ڇڏي. هن ڪميٽي ۾ وڪالت، بئڪنگ، بيورو ڪريسي ۽ ٻين شعبن سان لاڳاپيل ناليواريون شخصيتون شامل ڪيون وينديون. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف آئي ٽي ايڪسپورٽ جو حدف 15 ارب ڊالر مقرر ڪندي چيو ته پاڪستان جي آئي ٽي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ ايڪسپورٽ جا وسيع موقعا موجود آهن، جن مان فائدو وٺڻ گهرجي. اڱاري تي جاري ڪيل پڌرائي مطابق ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم ڪابينا کي آگاهه ڪيو ته ملڪ ۾ سخت گرمي آهي، جنهن لاءِ خصوصي ٽاسڪ فورس ماحولياتي تبديلي وزارت جي انتظام هيٺ جوڙي وئي آهي. هي ٽاسڪ فورس ماحولياتي تبديلين جي تدارڪ لاءِ قدم کڻندي. اجلاس ۾ نيب ترميمن جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ميمبرن اظهار ڪيو ته نيب جو ڪارو قانون صرف سياسي انتقام، سرڪاري اهلڪارن ۽ ڪاروباري طبقي کي حراسان ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو رهيو، انهن ئي قانونن جي ڪري بيورو ڪريسي فيصلا وٺڻ کان ڊڄي ٿي جنهن جي ڪري اهم معاملن ۾ ملڪ جو نقصان ٿئي ٿو. پڌرائي مطابق ڪابينا نيب ترميمن لاءِ قانون واري وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني. هن ڪميٽي ۾وڪالت، بئنڪاري، بيورو ڪريسي ۽ ٻين شعبن سان لاڳاپيل نالي واريون شخصيتون به شامل ڪيون وينديون. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڪابينا کي سول سروينٽس ڊائريڪٽوري رٽائرمينٽ فراهم سروس رولز 2020 تي غور جي حوالي سان قائم ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته انهن رولز ۾ اهي سمورا قائدا موجود آهن جيڪي گورنمينٽ سروينٽس (ايفيشنسي اينڊ ڊسيپلين) رولز، 2020 ۾ پهريان کان شامل آهن. ڪابينا ميمبرن اظهار ڪيو ته انهن رولز کي سرڪاري آفيسرن تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو، جنهن جو ڪوئي قانوني جواز نٿو بڻجي. پهريان کان موجود قانونن مٿان ٻيهر رولز نٿا بڻائي سگهجن. احتساب جو عمل شفاف ۽ بنا فرق ٿيڻ گهرجي. ڪابينا ڪميٽي جون سفارشون منظور ڪندي سول سروينٽس (ڊائريڪٽوري رٽائرمينٽ فراهم سروس) رولز 2020 کي منسوخ ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا انهن رولز تحت سرڪاري آفيسرن جي خلاف شروع ڪيل ڪارروائين کي ختم ڪرڻ جي منظوري به ڏني. اجلاس ۾ ڪابينا ناڻي وزارت جي سفارش تي 75هين آزادي ڏهاڙي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي قيام جي مناسبت سان يادگار بئنڪ نوٽ جي ڊزائين جي منظوري ڏني. ڪابينا ناڻي وزارت جي سفارشن کي رد ڪندي فيصلو ڪيو ته بئنڪ نوٽ پاڪستان ۾ ئي ڇاپيا ويندا ته جيئن قوم جو قيمتي پئسو بچائي سگهجي. پڌرائي مطابق ڪامرس وزارت ڪابينا کي ايڪسپورٽ، امپورٽ ۽واپار جي توازن جي حوالي سان تفصيلي تجزيو پيش ڪيو. ڪابينه کي آگاهه ڪيو ويو ته مالي سال 2020-21 جولاءِ کان اپريل ۽ مالي سال 2021-22 جي انهيءَ مدي ۾ ايڪسپورٽ جي حجم ۾ 25 ڏهائي 6 سيڪڙو واڌ ڏٺي وئي. جڏهن ته امپورٽ ۾ 46 ڏهائي 5 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ٿي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ خطي ۾ ٻين ملڪن کان مسابقتي اگهن تي بجلي ۽ گئس مهيا ڪرڻ جي ضرورت آهي. پڌرائي مطابق ايگرو بيسڊ صنعت کي هٿي وٺرائڻ فصلن سان پيداوار وڌائڻ ۽ ان کي ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ ڪابينا خاص پاليسي ساز ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني. ڪميٽي ۾ واپار وارو وزير، صنعت ۽ پيداوار وارو وزير ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وزير ۽ انهيءَ ڊويزنز جا سيڪريٽري شامل هوندا. وزيراعطم هدايت ڪئي ته ان ڪميٽي جو اجلاس اڄ ئي سڏايو وڃي. پڌرائي مطابق وزارت انفارميشن ٽيڪنالوجي ۽ ٽيليڪام ڪابينا کي سافٽ ويئير ايڪسپورٽ وڌئڻ جي حوالي سان سفارشون پيش ڪيون. ڪابينه هدايت ڪئي ته هي سفارشن اقتصادي رابطا ڪميٽي جي سامهون آنديون وڃن ۽ ايندڙ ڪابينه اجلاس ۾ ٻيهر پيش ڪيون وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close