پاڪستانسنڌ

ميهڙ ڀرسان مقتول نوجوان جي هٿيارن جي ڇانو ۾ تدفين، عيوضي ۾ 6 ڄڻا گرفتار

ميهڙ/فريدآباد: ميهڙ ڀرسان کهڙا وليج ۾ ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار ٻيهر ڪر کنيو، جنهن بعد هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب امداد کوسو سخت زخمي ٿي پيو، اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي زخمي کي تعلقه اسپتال ميهڙ پهچايو، جتي امداد کوسو زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. مقتول نوجوان جي مامي محمد علي کوسو ٻڌايو ته ديدار، وارث، شمن، صدورو ۽ ٻين 6 جوابدارن ميهڙ کان ڳوٺ ايندڙ نوجوان امداد علي کوسو مٿان فائرنگ ڪري قتل ڪيو آهي، جوابدار مقتول جو پستول به کڻي ويا آھن، جوابدار اڳ ۾ به موتمار ڌمڪيون ڏيندا هئا، تحفظ لا عدالت ۾ درخواست به ڏني هئي. ٻئي پاسي نوجوان جي قتل بعد پ پ اڳواڻ غلام رسول ڏاڏو چانڊيو سميت وڏي تعداد ۾ شھري پهچي ويا. هوڏانهن ڳوٺ کھڙا وليج ۾ مقتول امداد علي کوسو جي جنازي نماز هٿيارن جي ڇانو ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن بعد اباڻي قبرستان شاھه گودڙيو ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته سوڳ ۾ کھڙا وليج بند ٿي ويو. جڏهن ته فريدآباد پوليس جوابدارن جي گرفتاري لا ڳوٺ خدا بخش خاصخيلي ۾ ڇاپو ھنيو ۽ جوابدارن جي نه ملڻ تي عيوضي ۾ اڪبر کوسو سميت 6 ڄڻا گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته مک جوابدار ديدار کوسو ۽ ٻيا گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button