ميھڙ: ميهڙ ۾ قومپرست اڳواڻ ڪامريڊ انور کوکر پنهنجي ڀا جي بازيابي لا احتجاج ڪندي دانهيو آھي ته منهنجي ڀا منور کوکر کي 8 ڏينهن اڳ منهنجي جڳهه تي زبردستي قبضو ڪندڙ جوابدارن اغوا ڪيو آهي، جنهن بعد جوابدار روپوش ٿي ويا آهن ۽ ڪيس تان هٿ نه کڻڻ تان جوابدارن منهنجي ڀا منور کوکر کي خيرپور ۽ ڪڪڙ ڀرسان اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي، جنهن جي آخري لوڪيشن ٻيلو پتڻ ٻڌائي وئي آھي، پر پوليس 8 ڏينهن گذرڻ بعد منهنجي ڀا جي بازيابي لا ڪوبه قدم ناهي کنيو. هن ايس ايس پي دادو ۽ ٻين وسوارن کان روپوش جوابدارن جي گرفتاري جي گهر ڪندي پنهنجي ڀا منور کوکر کي بازياب ڪرڻ جي گهر ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close